جديد ڪهاڻي

جديد ڪهاڻي

جديد ڪهاڻي

جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (ڪتاب): هي ڪتاب نوجوان محقق عباس ڪوريجي جي تحقيق تي مشتمل آهي، جيڪو سندس ماسٽرس جو مونوگراف آهي. هن ڪتاب ۾ 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب چئن بابن ۾ ورهايل آهي. باب پهرين ۾ ‘ڪهاڻي ڇاکي چئجي’، ٻئي ۾ ‘سنڌي ڪهاڻيءَ جي ارتقا’، باب ٽئين ۾ ‘سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت’ ۽ باب چوٿين ۾ ‘ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو’ شامل آهي. آخر ۾ نتيجا ۽ ببليوگرافي ڏني وئي آهي. ڪتاب جا ‘ٻه اکر’ ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ سعيد سومري لکيا آهن ۽ بئڪ ٽائيٽل حميد سنڌيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر، آگسٽ 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 144 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


لفظ جديد ڪهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو